فورسز جون ڪارروايون، 35 خارجي مارجي ويا، 12 فوجي شهيد

فورسز جون ڪارروايون، 35 خارجي مارجي ويا، 12 فوجي شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز 10 ۽ 13 سيپٽمبر جي وچ ۾ خيبر پختونخواه ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ هندستاني پراڪسي خارجي فتني سان تعلق رکندڙ 35 خارجي ميمبرن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 12 سپاهين به ملڪ لاءِ پاڻ کي قربان ڪيو.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواه جي باجوڙ ضلعي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران، فوجين خارجين جي ڳجهن هنڌن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ فائرنگ جي سخت تبادلي کان پوءِ هندستاني سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ 22 خارجين کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ ٻي جهڙپ ٿي جتي سيڪيورٽي فورسز پاران 13 وڌيڪ خارجين کي جهنم حوالي ڪيو، جڏهن ته فائرنگ جي سخت ڏي وٺ دوران ملڪ جا 12 بهادر پٽ شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي مطابق، مارجي ويل خارجين وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو جيڪي انهن علائقن ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر چيو ته انٽيليجنس رپورٽن ۾ بنا ڪنهن شڪ جي افغان شهري جي انهن وحشي ڪاررواين ۾ سڌي طرح ملوث هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. خارجين پاران پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال هڪ سنگين ڳڻتي جوڳو آهي، پاڪستان توقع ڪري ٿو ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڪستان مخالف دهشتگرد سرگرمين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندي، پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، علائقي ۾ هندستاني سرپرستي هيٺ ڪنهن به خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو