فواد چوڌري پاران نواز شريف جي واپسي لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان

فواد چوڌري پاران نواز شريف جي واپسي لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ عدالت وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
انٽرويو ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي موجوده سياسي پوزيشن مان سمجهان ٿو ته بهتر آهي ته سموريون سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن. فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو سياسي ڪردار رهيو آهي، في الحال سياسي پارٽين کي پختگي ڏيکارڻ گهرجي، جيڪڏهن سياسي پارٽيون ائين نه ڪن ته اسٽيبلشمينٽ کي ڪرڻ گهرجي، پر مثالي صورتحال اها آهي ته سياسي پارٽيون فريم ورڪ پاڻ ۾.طئي ڪن. هن چيو ته هاڻي اهو شهباز شريف تي منحصر آهي ڇاڪاڻ ته هو هن وقت وزيراعظم آهي، سندس ڪم چونڊن جو اعلان ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين کي ويهڻ جي دعوت ڏيڻ آهي ته پوءِ ظاهر آهي ڳالهيون شروع ٿينديون. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته موجوده صورتحال اها آهي ته 2 صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، بلوچستان ۾ اتحادي حڪومت ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته چارئي صوبائي اسيمبليون ٽوڙيو ته پوءِ توهان کي فريم ورڪ به مقرر ڪرڻو پوندو ۽ اهو ممڪن صرف ڳالهين ذريعي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ عدالت سان رجوع ڪنداسين ۽ شهباز شريف پاران جمع ڪرايل جعلي حلف نامي تي ڪارروائي جو مطالبو ڪري سگهون ٿا ڇو ته اهو ڏوهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو