اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ميمبر نثار دراني جي مقرري کي چئلينج ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري نثار دراني جي مقرري کي غير آئيني قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي.ان موقعي تي هن موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جو ميمبر سنڌ حڪومت جي ماتحت اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، نثار دراني اليڪشن ڪميشن جو ميمبر ٿيڻ جو اهل ناهي، تنهن ڪري کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










