فواد چوڌري جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس تي تنقيد

فواد چوڌري جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس تي تنقيد

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق کي نشانو بڻايو آهي.هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس کي بنيادي ڳالهين کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، قائم مقام چيف جسٽس کي انساني حقن جي تحفظ بابت سبق سکڻ جي ضرورت آهي.فواد چوڌري چيو ته مون وٽ لفظ ناهن ته تشدد جي الزامن کان لاتعلقي جو اظهار ڪريان.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ميجسٽريٽ پاران تشدد جي حساسيت سبب رمانڊ ڏيڻ کان انڪار قابل تحسين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو