فواد چوڌري جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

فواد چوڌري جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت پکيڙڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو. ان کان اڳ فواد چوڌري کي 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ وقاص احمد راجا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. وڪيل فيصل چوڌري عدالت کي فواد چوڌري جون هٿڪڙيون کولڻ جي استدعا ڪئي، جنهن بعد عدالت جي حڪم تي فواد چوڌري جا هٿڪڙيون کوليون ويون، پراسيڪيوشن فواد چوڌري جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي ٻڌايو ته جوابدار کي سڀاڻي گرفتار ڪيو ويندو. کين اسلام آباد کان لاهور آندو ويو، جج پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري جي ڪيس ۾ فوٽو گرافي جي ٽيسٽ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته فوٽو گرافي ٽيسٽ جو مقصد اصل شخص جي سڃاڻپ آهي، فواد چوڌري جو موبائيل، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان اڃا هٿ اچڻو آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي فواد چوڌري جي وڌيڪ رمانڊ جي درخواست نه ڏني. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان رڳو فواد چوڌري جي فوٽوگرافي ٽيسٽ ڪرائڻي هئي، جيڪا ٿي چڪي آهي. عدالت فواد چوڌري کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو، فواد چوڌري جي پيشي جي موقعي تي عدالت ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو