فواد ڀارتي اداڪارا سان گڏ جلوه گر ٿيندو، مداحن کي انتظار

فواد ڀارتي اداڪارا سان گڏ جلوه گر ٿيندو، مداحن کي انتظار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان سلهاڙيل عالمي شهرت رکندڙ سپر اسٽار اداڪار فواد خان جي بالي ووڊ ۾ واپسي جي خبر تيز ٿي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مداح فواد خان جي بالي ووڊ ۾ واپسي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.واضح رهي ته ان کان اڳ خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته مشهور بالي ووڊ اداڪارا واني ڪپور ۽ فواد خان نئين فلم ۾ ڪم ڪري رهيا آهن پر ٻنهي فنڪارن ان تي خاموشي اختيار ڪئي آهي.پر هاڻ ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اداڪارا ريڌي ڊوگرا ۽ فواد خان هڪ نئين پروجيڪٽ ۾ گڏ نظر ايندا. ڀارتي ميڊيا موجب هن رومانوي ڪاميڊي فلم جو نالو اڃا سامهون ناهي آيو پر هن فلم جي شوٽنگ نيويارڪ ۽ لنڊن ۾ هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ڪئي ويندي جڏهن ته ڄاڻايل فلم ايندڙ سال جي آخر ۾ رليز ڪئي ويندي. سال.

پهنجو تبصرو موڪليو