بجيٽ منظور، ننڍين گاڏين سميت ڪيترين ئي شين تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي

بجيٽ منظور، ننڍين گاڏين سميت ڪيترين ئي شين تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حڪومت پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال لاءِ پيش ڪيل 18 هزار 171 ارب روپين جي بجيٽ حڪومتي اتحاد جي تجويزن موجب ڪجهه معاملن ۾ ڦير ڦار بعد اڱاري تي منجهند جو قومي اسمبلي مان اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتي. اپوزيشن جي مخالفت باوجود بجيٽ منظور ٿي وئي. پي ٽي آءِ فنانس بل ۾ 63 ترميمون پيش ڪيون جيڪي سڀ اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون. گذريل ڏينهن فنانس بابت قومي اسمبلي جي ڪميٽي جون تجويزون فنانس بل ۾ شامل ڪيون ويون. جن ۾ اهو فيصلو به شامل هو جنهن موجب 58 سالن بعد فيصلو ڪيو ويو ته قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي آمدني کي ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني ويندي، جڏهن ته واپارين کي به قانوني طور اها اجازت ڏني ويندي ته هو آپشنل انڪم ٽيڪس اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ کان صرف هڪ سال پوءِ ان مان نڪري سگهن ٿا.
پيپلز پارٽي جي سيد نويد قمر جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڪميٽي گاڏين جي شعبي لاءِ نوان محصول (ٽيرف) پڻ تجويز ڪيا هئا، جن تحت 2000 سي سي کان گهٽ انجڻ واريون گاڏيون نمايان طور سستيون ٿينديون. انهن گاڏين تي درآمدي ٽيڪسن ۾ 26 سيڪڙو کان 56 سيڪڙو تائين گهٽتائي جي تجويز به فنانس بل جو حصو بڻجي وئي آهي. جيڪا حڪومت جي واپاري آزاديءَ واري قومي ٽيرف پاليسي سان هم آهنگ آهي.
جيڪڏهن قومي اسيمبلي هيٺين ايوان ۾ انهن ترميمن کي رد نه ڪيو، ته ڪميٽي جي رپورٽ، حڪومت لاءِ لازمي هجڻ سبب، منظور ٿي وئي.
قائداعظم مزار جي آمدني تي ٽيڪس ڇوٽ
ڪميٽي تجويز ڏني آهي ته مزار قائد جي انتظامي بورڊ جي آمدني کي ٽيڪس کان آجو ڪيو وڃي. اها ڳالهه بورڊ جي قيام کان 58 سالن پوءِ سامهون آئي آهي. پاڪستان جي آمدني ٽيڪس قانون ۾ اڳ ئي ڪيترين ئي ادارن کي ٽيڪس ڇوٽ حاصل آهي، جن مان ڪجهه ملڪ جا وڏا ڪاروباري گروپ به آهن. هن سال به 9 وڌيڪ ادارا ٽيڪس ڇوٽ واري فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن. حڪومت پنج ادارا تجويز ڪيا هئا، جڏهن ته ڪميٽي وڌيڪ چار ادارا شامل ڪيا آهن، جن ۾ قائداعظم مزار جي آمدني به شامل آهي.
ڪميٽي Make-A-Wish Foundation، صوبائي ملازمن جي سماجي تحفظ وارن ادارن ۽ مزدورن جي ڀلائي واري فنڊ جي ادارن کي به ٽيڪس ڇوٽ واري فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
واپارين لاءِ نئون اختيار
ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته واپاري ٽيڪس سال 2027 کان مقرر آمدني ٽيڪس واري نظام مان نڪري سگهن.
حڪومت واپارين لاءِ هڪ اختياري اسڪيم تجويز ڪئي هئي، جنهن تحت هو پنهنجي وڪري جو صرف هڪ سيڪڙو آمدني ٽيڪس ۽ گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا ساليانو ادا ڪري آڊٽ کان ڇوٽ حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ڊجيٽل معيشت جو حصو بڻجي سگهن ٿا.
بجيٽ تجويز موجب، “جيڪو شخص 20 ڪروڙ رپين تائين ٽرن اوور جو واپار ڪري ٿو، اهو ٽيڪس سال 2027 ۽ ان کان پوءِ ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائيندي هن نظام مان نڪري سگهي ٿو.”
ڪوئلي، پيٽروليم ۽ سيلز ٽيڪس بابت تجويزون
ڪميٽي درآمد ٿيل ڪوئلي تي هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني آهي، پر شرط اهو هوندو ته اهو ڪوئلو بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين کي فراهم ڪيو وڃي.
ڪميٽي ٽرمينل سروس فراهم ڪندڙن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ آمدني ٽيڪس جي شرح 12 سيڪڙو ڪرڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي.
پيٽروليم سالوينٽس تي 80 رپيا في لٽر ايڪسائيز ڊيوٽي کي به ڪجهه شرطن سان مشروط ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن درآمد ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻنهي وٽ ڌماڪيدار مواد واري کاتي جا لائسنس موجود هجن ۽ اڇو اسپرٽ يا سالوينٽ آئل صرف ذاتي استعمال لاءِ خريد ڪيو وڃي، ته ان تي ڊيوٽي لاڳو نه ٿيندي. مبصرن موجب، ان سان نئين ٽيڪس کان بچڻ لاءِ هڪ پويون دروازو کلي سگهي ٿو.
ڪميٽي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين تي پيٽروليم ليوي دير سان جمع ڪرائڻ تي جرمانا لڳائڻ واري تجويز به رد ڪري ڇڏي. ڪميٽي ڪڻڪ ۽ چانورن جي ڀُوسي يعني بُهه ۽ ڪَٽي تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.
گاڏيون سستيون ٿيڻ جو امڪان
ڪميٽي تجويز ڏني آهي ته 2000 سي سي تائين گاڏين تي وڌ ۾ وڌ درآمدي ٽيڪس 156 سيڪڙو مان گهٽائي 74 سيڪڙو ڪيو وڃي، جنهن سان اهڙيون گاڏيون سستيون ٿي سگهن ٿيون.
1800 سي سي کان مٿي گاڏين تي گڏيل ٽيرف 156 سيڪڙو مان گهٽائي 74 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
2000 سي سي ۽ ان کان وڌيڪ انجڻ واريون درآمدي ڪارون، ايس يو ويز ۽ ٻيون گاڏيون 86 سيڪڙو وفاقي ايڪسائيز ڊيوٽي جي دائري ۾ آنديون وينديون.
3000 سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي 92 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
1500 کان 1800 سي سي گاڏين لاءِ گڏيل ٽيرف 91 سيڪڙو مان گهٽائي 57 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
1000 کان 1500 سي سي گاڏين لاءِ درآمدي ڊيوٽيون 76 سيڪڙو مان گهٽائي 52 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.
850 کان 1000 سي سي گاڏين لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽيرف 71 سيڪڙو مان گهٽائي 47 سيڪڙو، جڏهن ته 850 سي سي تائين گاڏين، موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين جي باڊين لاءِ 66 سيڪڙو مان گهٽائي 42 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.
آٽو پارٽس شعبي لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽيرف 61 سيڪڙو مان گهٽائي 45 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 25 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي شامل آهي.
دير سان ريٽرن جمع ڪرائڻ تي پابندي
اسٽينڊنگ ڪميٽي دير سان ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ تي هڪ لک رپين تائين جرمانو لڳائڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي، پر اها شرط شامل ڪئي ته دير سان ريٽرن جمع ڪرائيندڙ شخص ڇهن مهينن تائين ملڪيت رجسٽر نه ڪرائي سگهندو.
نئين گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس واريون صنعتون
قومي اسيمبلي 0.5 سيڪڙو گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس لاڳو ٿيڻ وارن شعبن جي فهرست جي منظوري به ڏيندي.
انهن ۾ دواسازي، ڀاڻ، سگريٽ، کنڊ، مقامي طور تي تيار ٿيندڙ موبائل فون، پيڪ ٿيل منجمد خوراڪ، اليڪٽرانڪس، مشروبات، کير جون شيون، پاستا، اناج، بسڪيٽ، خشڪ ميوو، سنئڪس، پيڪ ٿيل مصالحا، بيڪنگ شيون، چمڙي جي سنڀال جون شيون، سينگار جو سامان، وارن ۽ ڏندن جي سنڀال جون شيون، ٻارن جي سنڀال جون شيون، ڌوٻيءَ جا ڊٽرجنٽ، برتن ڌوئڻ وارا صابڻ، فرش صاف ڪندڙ شيون، ٽوائلٽ پيپر، پيپر ٽاول، نيپڪن، ڪچري جا ٿيلها، ايلومينيم فوائل، ايئر فريشنر ۽ جيت مار اسپري شامل آهن.
اسٽيل ۽ هوابازي شعبو
ڪميٽي اسٽيل شعبي تي 30 رپيا في يونٽ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ڀلي پيداوار قومي گرڊ يا متبادل توانائي ذريعي ڪئي وڃي.
خانگي هوائي ڪمپنين سان امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي پينل سموري هوابازي شعبي تائين ٽيڪس ڇوٽن کي وڌائي ڇڏيو آهي. البت، پي آءِ اي کانسواءِ ٻين ايئرلائنن لاءِ اها ڇوٽ جولاءِ 2027 کان لاڳو ٿيندي.
موبائل فون ٽيڪس قسطن ۾ ادائگي
قومي اسيمبلي جي پينل ماڻهن کي اها سهولت پڻ ڏني آهي ته هو موبائل فونن تي لاڳو ٽيڪس هڪ سال اندر قسطن ۾ ادا ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو