ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوراڪ کاتي موجب فلور ملز ايسوسي ايشن بليڪ ميلنگ ڪري رهي آهي، ڪراچي جي فلور ملز کي 15 اپريل کان هيئنر تائين 4 لک ڪڻڪ جون ٻوريون ڏنيون ويون آهن، فلور ملز کي ڪراچي ۾ 10500 روپين ۾ ڪڻڪ جي ٻوري ڏني وئي آهي. اڄ به ڪراچي جي ملز مان 140 ٽرڪون ڪڻڪ ڀري رهيون آهن. ايسوسي ايشن مصنوعي بحران پيدا ڪري مال اسٽاڪ ڪرڻ چاهي ٿي، هن وقت تائين 4 ارب رپين جي ڪڻڪ ملز کي ملي چڪي آهي، انهن کي 200 ڪڻڪ جون ٽرڪون ٻين شهرن مان ڪراچي اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. سنڌ جي خوراڪ کاتي موجب ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.










