فضائي آلودگي، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

فضائي آلودگي، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ فضائي آلودگي سبب 3 ڪرشنگ پلانٽس بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ 11 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ لکيل حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه 17 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو.لکت واري حڪم ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته دنيا ۾ هر 9 مان هڪ موت فضائي آلودگي سبب ٿيندي آهي، ڊبليو ايڇ او موجب فضائي آلودگي سبب هر سال 7 لک ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته بنگلاديش، ڀارت، نيپال ۽ پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آلودگي ڪندڙ ملڪ آهن، دنيا جي ڪل آبادي جو 22.9 سيڪڙو بنگلاديش، ڀارت، نيپال ۽ پاڪستان ۾ آهي.عدالت چيو ته ايئر ڪوالٽي رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جو ٻيون آلودگي وارو ملڪ آهي، صاف ۽ شفاف ماحول ۾ رهڻ هر شهري جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي آلودگي سبب انسانن سان گڏ جانورن ۽ وڻن کي به خطرو آهي، ماحولياتي آلودگي سبب ڪينسر ۽ دل جون موذي بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته رپورٽ موجب ڪي پي ڪي ۾ 3 کرشنگ پلانٽس انتهائي ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڪي پي جا اهي 3 ڪرشنگ پلانٽ فوري طور بند ڪيا وڃن.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ وڌيڪ 900 اسٽون ڪرشنگ پلانٽس ڪم ڪري رهيا آهن، صوبائي ماحولياتي تحفظ وارو ادارو 900 اسٽون ڪرشنگ پلانٽس جو جائزو وٺي.عدالت چيو ته آلودگي ڪندڙ اسٽون ڪرشنگ پلانٽس خلاف آزاد ڪارروائي ڪئي وڃي، آلودگي بابت ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪرشنگ پلانٽس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي فضائي آلودگي بابت ضابطن جي تجديد جو حڪم ڏيندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي نومبر جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي.سورج گلي خانپور جي رهواسين اسٽون ڪرشنگ پلانٽ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو