ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار فرحان اختر ۽ ماڊل ۽ اداڪارا شباني ڊنڊيڪر شادي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ عدالت ۾ پنهنجو نڪاح رجسٽر ڪرايو. فرحان اختر ۽ شباني ڊنڊيڪر جي شادي 19 فيبروري تي مهاراشٽرا جي شهر ممبئي ۾ ٿي هئي ۽ هنن 21 فيبروري تي عدالت ۾ شادي جي رجسٽريشن ڪرائي.نئين دهلي ٽيليويزن (اين ڊي ٽي وي) موجب شباني ۽ فرحان اختر ممبئي جي مقامي عدالت ۾ نڪاح جي رجسٽرڊ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي رهائشگاهه تي مٺايون ورهايون. ٻنهي جو تعلق مختلف مذهبن سان آهي، جنهن ڪري کين انڊين اسپيشل ميريج ايڪٽ تحت عدالت ۾ پنهنجي نڪاح کي رجسٽر ڪرائڻو پيو.










