غيرقانوني افغان شهرين کي ڏنل ڊيڊ لائن ختم، ڪارروايون  شروع

غيرقانوني افغان شهرين کي ڏنل ڊيڊ لائن ختم، ڪارروايون شروع

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) غيرقانوني افغان شهرين جي خلاف ڪارروائين جو نئون مرحلو شروع ٿي ويو، ڊيڊ لائن ختم، هاڻ گرفتاريون، ملڪ بدري ۽ سهولتڪارن جي خلاف به سخت ايڪشن کنيو ويندو.پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت ڪارروائين ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب بنا ويزا پاڪستان ۾ ترسيل هر افغان شهري کي فوري طور تي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو ويندو. جڏهن ته غيرقانوني افغان شهرين کي پناهه ڏيڻ يا ڀاڙي تي رهائش فراهم ڪندڙن جي خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.راولپنڊي سميت پنجاب ۾ افغان شهرين جي جيو ٽيگنگ ۽ جيو فينسنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڏني وئي آهي ته هن ڊيٽا جي مدد سان گرفتاريون تيز ڪيون وڃن.ذريعن موجب وفاقي گهرو وزارت کي روزاني جي بنياد تي ڪارروائين جي رپورٽ اماڻي ويندي جنهن ۾ گرفتار ڪيل بنا ويزا جي افغان شهرين جو تعداد، جاري ڪارروائين جا تفصيل ۽ گرفتار ٿيل ماڻهن جي موجوده صورتحال شامل هوندي. وفاقي گهرو وزارت انهي حوالي سان 28 جون تي گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ سمورن صوبن ڏانهن نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو