ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انساني اسمگلنگ جي روڪٿام واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته انسانن جي غيرقانوني اسمگلنگ (Human Trafficking) هڪ انتهائي سنگين عالمي ڏوهه ۽ انساني حقن جي چٽي خلاف ورزي آهي. وڏي وزير هائوس تان جاري ڪيل پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته هن ناسور جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏيل ڪوششون ۽ مؤثر اپاءُ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي.وڏي وزير چيو ته اڄڪلهه جي دور ۾ آن لائن فراڊ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي کين جبري طور ڏوهاري سرگرمين ۾ ڌڪڻ وارا معاملا وڌي ويا آهن، جنهن تي پوري دنيا جي توجهه ڏيڻ انتهائي لازمي ٿي چڪي آهي. هن چيو ته وقت جي اهم ضرورت آهي ته انساني اسمگلنگ جي انهن نون طريقن ۽ آن لائن ڏوهن جي خطرن بابت عوام ۾ وڏي پيماني تي آگاهي پيدا ڪئي وڃي، ته جيئن ڪو به غريب ان جو شڪار نه ٿئي. ڪراچي (بيورو رپورٽ): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهرين ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ملڪ اندر يا ٻاهر مشڪوڪ ڀرتين، جعلي نوڪرين جي دلاسن ۽ آن لائن فراڊ جي ذريعي ٿيندڙ انساني اسمگلنگ جي ڄال کان مڪمل طور تي محتاط رهن. سنڌ حڪومت هن ڏوهه جي خاتمي ۽ انساني استحصال کي روڪڻ لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي فعال آهي. ميڊيا ڪنسلٽنٽ عبدالرشيد چنا پاران جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير وڌيڪ واضح ڪيو ته صوبي ۾ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيتن (استعداد ڪار) کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته هن ڏوهه جو شڪار ٿيندڙ متاثرن جي تحفظ، بحالي ۽ کين قانوني سهائتا فراهم ڪرڻ ناگزير آهي. سنڌ حڪومت وفاقي ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن سان گڏجي هن گندي ڌنڌي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور سهڪار جاري رکندي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاڪ ۽ محفوظ معاشري جو قيام حڪومت، سول سوسائٽي ۽ عوام جي گڏيل ڪردار کانسواءِ ناممڪن آهي.










