اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ غير قانوني نڪاح واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.درخواستگذار محمد حنيف سول جج نصر من الله جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي.سيشن جج اعظم خان نظرثاني اپيل 13 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.سيشن جج اعظم خان پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ درخواستگذار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته بشرا بي بي بغير ڪنهن سبب جي خاور مانيڪا کان ڌار ٿي پي ٽي آءِ چيئرمين سان شادي ڪئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مفتي سعيد عدت دوران پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشرا بي بي وچ ۾ نڪاح جو اعلان ڪيو آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عيد جي موقعي تي بشرا بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين غير شرعي نڪاح کانپوءِ بني گالا ۾ رهيا.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري 2018ع ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشرا بي بي جو نڪاح ٻيهر مفتي سعيد ڪيو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عون چوڌري ۽ مفتي سعيد سول جج آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي غير قانوني شادي بابت سول جج جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته سول جج شڪايت کي ناقابل سماعت قرار ڏيندي قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون.درخواستگذار اها به استدعا ڪئي آهي ته سيشن ڪورٽ اپيل منظور ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪارروائي شروع ڪري.










