اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير )ٿرپارڪر جي مرڪزي شھر اسلام ڪوٽ ۾ ميڊيڪل اسٽور وارا پنھنجيون من مانيون ھلائڻ لڳا، ڊرگ انسپيڪٽر جي ملي ڀڳت سان غير رجسٽرڊ ڪمپنين جون غير معياري، مُدي خارج ۽ پابندي مڙهيل دوائون وڪرو ڪرڻ لڳا آھن، جنھن سبب غريب مسڪين ماڻھو صحتياب ٿيڻ بدران ويتر خطرناڪ مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آھن، ميڊيڪل اسٽورن کي ھلائيندڙ ڪنھن به قانون تي عمل ناھن ڪري رھيا، غير تجربيڪار ماڻھو اڪثر ابتڙ سبتڙ دوائون ڏيئي انساني جانين سان کيڏڻ لڳا آھن، دوائون گھربل سينٽي گريڊ ۾ نه رکڻ سميت بغير اي سي جي اسٽور ھلائي رھيا آھن، غير معياري ڪمپنين جون دوائون وڌيڪ منافعو ملڻ سبب ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دوائن جي جڳھ تي ڏيئي غريب مريضن کي ڦري رھيا آھن جڏھن ته صحت خاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي شھرين نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته مريضن جي زندگي سان کيڏندڙ ميڊيڪل اسٽور مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.










