ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، عوام ۽ وڪيل برادري ساٿ ڏئي ته حڪومت جو جلد خاتمو آڻينداسين. ڪراچي بار ڪائونسل جي جناح آڊيٽوريم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لائرز ڪلب جي پيڙهه جو پٿر رکڻ بعد خطاب ڪندي هن وڪيل برادري کي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي. هن چيو ته حڪومت خوفزده آهي، اپوزيشن ليڊرن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، غداري جا ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن، شهباز شريف گرفتار آهي، خورشيد شاهه سال کان بنا انتقام جو نشانو بڻيل آهي، بلاول ڀٽو چيو ته غيرجمهوري قوتون هر حق تي ڌاڙو هڻي رهيون آهن، جڏهن اظهار جي آزادي نه هوندي ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ رهندي ۽ ملڪي مسئلا حل نه ٿيندا، پيپلز پارٽي غير جمهوري قوتن اڳيان هميشه بيٺي آهي، گرفتاريون اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اسان عوام خاطر حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ نڪتا آهيون، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو چيو ته وڪيلن ضياء، ايوب ۽ مشرف خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻي به جمهوريت لاءِ وڪيلن جي سهڪار جي ضرورت آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙو نااهل ۽ نالائق وزيراعظم ڪڏهن به ناهي مليو، نااهل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو ڏينهن پري نه آهي.ان کان اڳ ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيپلز لايرز فورم جي تقريب دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ به شريڪ ٿيا. سٽي ڪورٽ ٻاهران وڪيلن طرفان بلاول ڀٽو جي گُلن جي ورکا سان آجيان، جيئي ڀٽو، جيئي ڀٽو جا نعرا، بلاول ڀٽو جي آمد جي موقعي تي وڪيل برادري طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف احتجاج به ڪيو ويو، ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ بيٽ وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، پيپلز لايرز فورم جي اڳواڻن وڪيلن سان ڳالهيون ڪري سندن احتجاج ختم ڪرائي چيو ته پيپلز پارٽي اڳ ۾ ئي ان جي هر سطح تي مخالفت ڪري پئي.










