غزه: اسرائيلي حملي ۾ وڌيڪ 18 فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيلي حملي ۾ وڌيڪ 18 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج غزه ۾ هڪ اسڪول جي عمارت کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 فلسطيني مارجي ويا.عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي قابض فوج مغازي پناهگير ڪئمپ ۾ هڪ گهر کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 2 فلسطيني مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.اسرائيلي فوج جي مختلف حملن ۾، شفيع اسڪول کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته المواسي پناهگير ڪئمپ تي حملي ۾ 7 فلسطيني مارجي ويا.غزه جي صحت واري وزارت موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري جنگ ۾ هاڻي تائين 57,268 فلسطيني مارجي ويا آهن، ۽ جنگ ۾ 135,625 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو