غريبن کي روزگار لاءِ بنا وياج ننڍا قرض ڏيڻ جي منظوري

غريبن کي روزگار لاءِ بنا وياج ننڍا قرض ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) سنڌ حڪومت غريبن کي بنا وياج جي ننڍا قرض فراهم ڪرڻ چاهي ٿي جيئن هو روزگار ڪري سگهن، جيئن غربت گهٽ ڪري سگهجي. اهڙو اظهار وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ميڊيا ڪنسلٽنٽ عبدالرشيد چنا جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته وڏي وزير چيو ته ان ڏس ۾ رٿابند ڪميشن جي چيئرمين محمد وسيم، ناڻي ۽ قانون وارن سيڪريترين تي مشتم ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا سفارشون جوڙيندي. هي پروگرام وڏي وزير جي خود روزگار اسڪيم هيٺ شروع ٿيندي. ڪابينا اصولي طور ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، چيئرمين رٿا بندي ڪميشن ۽ واسطيدار آفيسر شريڪ ٿيا.هي رٿا هڪ يا ٻن ارب روپين سان پائلٽ پروگرام طور شروع ڪيو ويندو. ڪابينا ڊائريڪٽوريٽ آف اربن پاليسي اينڊ اسٽريٽيجڪ پلاننگ يونٽ کي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سان سلهاڙڻ جي منظوري به ڏني، هي يونٽ شهري رٿا بندي لاءِ فني معاونت فراهم ڪندي.

Photo CM House Sindh

ڪابينا نئين مالي سال جي بجٽ پيپرز (ترقياتي رٿائن) جي منظوري به ڏني جنهن ۾ 2023 ۽ 24 جون رٿائون به شامل آهن. ڪابينا سنڌ مداربا مئنيجمينٽ ڪمپني لاءِ ذوالفقار علي جي بطور چيف ايگزيڪيٽو ڪم ڪرڻ جي منظوري به ڏني. ڪابينا ڪوآپريٽو سوسائٽيز جي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خصوصي عدالت جي قيام جي منظوري ڏني ۽ چيو ته ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي ويندي. ڪابيان جامعه اسلام کي گڏاپ جي ديهه ٽوڙي ۾ فلاحي مقصدن لاءِ 13 ايڪڙ زمين هڪ ڪروڙ روپيا في ايڪڙ جي قيمت تي الاٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا ورڪرز ويلفيئر فنڊ رولز جي منظوري به ڏني، ڪابيان عبدالله هارون روڊ تي هومي ڪيٽرڪ جي چوديواري اندر 37 منزله عمارت جي اڏاوت جي منظوري ڏني. مڪاني کاتي پاران شهر ۾ بل بورڊ ۽ هورڊنگ لڳائڻ بابت پاليسي پيش ڪئي، جنهن ۾ ٽن سائيز جا بل بورڊ هوندا، پهرين سائيز 15 فٽ اونهائي، 45 فٽ ويڪر ۽ 31 فٽ اونچاي هوندي، ٻئي سائيز 10 فٽ اونهائي، 20 فٽ ويڪر ۽ 21 فٽ ڊيگهه هوندي، ٽئين سائيز موجب 8 فٽ اونهائي، 12 فٽ ويڪر ۽ 12 فٽ اونچائي هوندي. ڪابينا رولز کي بهتر ڪرڻ لاءِ ناصر شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪابيان سنڌ ۽ چين جي صوبي هوبي کي سسٽر صوبو قرار ڏيڻ جي به منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو