ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي پنهنجي بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته قومي معيشت هڪ امڪاني “اسٽيگ فليشن” ڏانهن وڌي سگهي ٿي، جنهن ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح گهٽجي ويندي جڏهن ته افراط زر بلند سطح تي رهندو.هي صورتحال سست معاشي واڌ ۽ وڌندڙ افراط زر جي دٻاءُ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو.حقيقي معيشت جي واڌ جي حوالي سان، مانيٽري پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته موجوده مالي سال جي پهرين اڌ (جولاءِ کان ڊسمبر) ۾ مجموعي طور تي حقيقي جي ڊي پي جي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو هئي.










