نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مرڪزي سڏ تي ايس يو پي يونٽ مٺياڻي طرفان شهر جي سائين جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن گهُرَ ڪئي تہ انڪروچمنٽ جو جواز ڄاڻائي سنڌي وسندين کي ڊاهيو پيو وڃي جڏهن تہ سموري ڪراچي ۾ غيرقانوني ترسيل افغاني پٺاڻن، برمين ۽ بنگالين ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان ڌارين جون غير قانوني ڪالونيون ٺاهي کين مستقل طور آباد ڪيو پيو وڃي ۽ ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت سموري رٿابندي ۾ ملوث آهي جن سدائين سنڌين کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، غازي ڳوٺ ۾ عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن مٿان غير انساني تشدد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيتريون ئي عورتون ٻارڙا پڻ زخمي ٿيا، غازي ڳوٺ کي خالي ڪرڻ لاءِ سنڌين مٿان سڌيون گوليون، آسو گئس جي گولن، واٽر ڪين ۽ لٺين جو آزادانه طور استعمال ڪيو ويو، غازي ڳوٺ جي رهواسين پنهنجا اجھا بچائڻ لاءِ مسلسل مزاحمت جاري رکي، اڄ سموري سنڌ جيان مٺياڻي ۾ غازي ڳوٺ ڊاھڻ خلاف پرامن احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اهو سلسلو بند نہ ڪيو ويو تہ غازي ڳوٺ کي بچائڻ لاءِ قومپرستن طرفان ايندڙ حڪمت عملي جوڙي احتجاجي سلسلي کي وڌايو ويندو.










