عورتن کي بااختيار بنائڻ سميت غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا

عورتن کي بااختيار بنائڻ سميت غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا

نيويارڪ: (ُويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن جي لاءِ انصاف جي فراهمي يقيني بنائي پئي وڃي. عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا، پاڪستان صنفي مساوات تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي.سومر جي ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ عورتن جي چوٿين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان صنفي مساوات تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ بهتر قدم کڻي رهيو آهي.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هر شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. 30 سال اڳ بيجنگ ۾ صنفي مساوات تي معاشري جي جوڙجڪ جو واعدو ڪيو، هڪ اهڙي مستقبل جو خواب ڏٺو هو جنهن ۾عورتن کي خودمختيار بنائڻ شامل هو. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح به عورتن کي خودمختيار بنائڻ جو چيو.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن دور ۾ صنفي مساوات ۾ مثبت رجحان پيش ڪيو. پاڪستاني عورتون، سياست، عدليه، فوج، پوليس ۽ بيورو ڪريسي ۾ شامل آهن. پاڪستان بافخر انداز سان مسلمان دنيا جي پهرين وزيراعظم بينظير ڀٽو کي چونڊ ڪيو. هاڻ پنجاب صوبي ۾ پهريون ڀيرو عورت وزيراعليٰ مريم نواز کي چونڊ ڪيو ويو.نائب وزيراعظم چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ عورتن جي لاءِ ريزو سيٽون موجود آهن. بلدياتي چونڊن ۾ به عورتن کي اهم مقام ڏنو ويو. عورتن جي ڪم واري جڳهه کان وٺي رستي ۾ حراسمينٽ تي سزائون ڏنيون پيون وڃن. عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جاري آهي.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ به عورتن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. ووڪيشنل ٽريننگ سان گڏ عورتن کي تربيت ڏني پئي وڃي. عورتن کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي لاءِ گڏجي صنعتي مساوات جي لاءِ وڌيڪ سرمائيڪاري جي ضرورت آهي. اسان سڀني کي گڏجي عورتن کي بااختيار بنائڻ سميت غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو