عورتن جي تعليم تي شريعت ۾ پابندي ناهي، اسڪول کوليو

عورتن جي تعليم تي شريعت ۾ پابندي ناهي، اسڪول کوليو

ڪابل(ويب ڊيسڪ)طالبان جي قائم مقام ڊپٽي فارين منسٽر شير محمد عباس ستانڪزئي چيو آهي ته اسلامي شريعت ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي ناهي، سينئر قيادت عورتن جي تعليم تي مڙهيل پابندي ختم ڪري. اهڙو مطالبو هن خوست ۾ هڪ مدرسي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. افغانستان جي طولو نيوز سندس بيان نشر ڪيو آهي. هن چيو ته 4 ڪروڙ افغان قوم مان اڌ عورتون آهن ۽ ايڏي وڏي تعداد کي تعليم کان محروم نٿو رکي سگهجي. هن چيو ته رسول پاڪ جي دور ۾ تعليم مردن توڙي عورتن لاءِ عام هئي. سندس بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن چوڪرين جي تعليم تي پابندي سبب افغانستان دنيا ۾ اڪيلو ٿيل آهي ۽ مٿس پابنديون مڙهيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو