اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 27 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ٽنهي اڳواڻن پاران جمع ڪرايل جوابن کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن اسد عمر، فواد چوڌري ۽ عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان مقرر وقت ۾ پنهنجو جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع نه ڪرائي سگهيو.










