ڪراچي: ( اسٽاف رپورٽر) سڌ سماء، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران نيازي جي حڪومت اظهار آزادي تي جبر ڪيو، صحافين ۽ ميڊيا کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪابہ ڪسر نه ڇڏي. جنھن ھنن جي موقف جي حمايت نه ڪئي، ان تي تشدد ڪيو، جڏهن ته اينڪرز جون نوڪريون هليون ويون. عمران خان جي حڪومت وڌيڪ عرصو هلي ها ته صحافين کي ڪوڙا پڻ لڳن ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪمرانن جو ڪم تنقيد کي برداشت ڪرڻ آھي. ھن چيو ته جمهوري ماڻهو ئي تنقيد کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو رکندا آهن. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ماضي ۾ ميڊيا هڪ طرفه تنقيد جو نشانو بڻايو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به آمراڻي سوچ کي نه اپنايو. صدر آصف علي زرداري جي دور حڪومت ۾ ڪنهن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو نه بڻايو ويو ۽ اسان جو ڪوبه مخالف جيل ۾ نه رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه آزاد ميڊيا جي حمايت ڪئي آهي ۽ صحافين جي تحريڪن ۾ حصو ورتو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومتن جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته صحافي جيڪي پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي ڪم ڪندا آهن، انھن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪجن . شهيد محترمه بينظير ڀٽو هجي، آصف علي زرداري يا بلاول ڀٽو زرداري ھجن صحافين ۽ صحافتي ادارن جي بهتري جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي ڪوشش رهي آهي ته ميديا ورڪرن جي حالت کي بهتر ڪجي. هن چيو ته پوري پاڪستان مان آيل فيڊرل يونين آف جرنسلسٽس جي ميمبرن کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ کين خاطري ڏياريان ٿو ته سنڌ حڪومت انهن جي سفارشن ۽ مطالبن تي ڀرپور عمل ڪندي. هن چيو ته وفاق ۾ پڻ اتحادي حڪومت آهي، وفاقي حڪومت سان پڻ رابطو ڪري صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪنداسين. هن چيو ته اسان صرف اعلان نه پر ان تي عمل پڻ ڪندا آهيون. هن صحافتي تنظيمن جي مختلف ڌڙن تي زور ڏنو تہ پاڻ۾ ايڪتا قائم ڪن ، وڙهڻ سان توهان جي طاقت ورهايل آهي. سينيئر صحافي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پيپلز پارٽي جي توهان کي جتي جتي ضرورت پوندي. اسان مڪمل حمايت ۽ سپورٽ ڪنداسين. موجوده سياسي صورتحال تي هن چيو ته عوام ورهائجي چڪي آهي. ملڪ جي ادارن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. منهنجي خواهش آهي ته ملڪ ۾ نيشنل ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي. هي ڪوئي سياسي بيان ناهي. اسان هڪ ٿي ڪري ملڪ کي ايندڙ چيلينجز جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. اسان جي اختلافن سان دشمن فائدو وٺي سگهي ٿو. گذريل رات ڪراچي ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ملڪ جي معيشت کي وڏو نقصان پهچايو آهي ان کي وڌيڪ وقت ملي ها ته وڏو نقصان ٿي وڃي ها.










