راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي ڀيڻ عليمه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي ڏنل کاڌي سان کيس الٽيون ٿيون آهن، اڊيالا جيل کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملي صبر اچي ويو آهي، هن ٻڌايو ته ان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سيل جي بجلي ڪٽي وئي، ان جي اخبار، ٽي وي سڀ بند ڪيا هئا، عليمه خان چيو ته ٽن هفتن کان پوءِ پي ٽي آءِ باني کي ورزش لاءِ سائيڪل ڏني وئي آهي.










