عمران خان موجوده آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي

عمران خان موجوده آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدي ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته نئين آرمي چيف جو معاملو نئين حڪومت اچڻ تائين ملتوي ڪيو وڃي. هن تجويز ڏني ته نئين حڪومت کي نئون آرمي چيف چونڊڻ گهرجي.هن چيو ته اليڪشن تي بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، آمريڪا مخالف ناهيان. توهين عدالت ڪيس جي حوالي سان عمران خان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ کيس ڪجهه چوڻ ڏنو وڃي ها ته معافي گهران ها.

پهنجو تبصرو موڪليو