اسلام آباد)بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به پنهنجي چيف آف اسٽاف شهباز گل جي بغاوت بابت بيان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. عمران خان جمعي تي صحافين ۽ شوبز جي شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان موقعي تي تجزيه نگار اطهر ڪاظمي به وڊيو لنڪ ذريعي موجود هو. عمران خان چيو ته شهباز گل جي ٽي وي چينل تي ڳالهه ٻولهه ۾ هڪ جملو اعتراض جوڳو هو، شهباز گل کي اهو نه چوڻ گهرجي ها.










