عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل

عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.عمران خان خلاف اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ ڪيس ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪائڻ ۽ ڪم کان روڪڻ وارا قلم شامل آهن.ڪيس جي متن موجب عمران خان ايف نائن پارڪ جلسي ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ سندس تقرير جو مقصد پوليس اختيارين ۽ عدليه کي ڊيڄارڻ هو.ايف آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڌمڪي جو مقصد پوليس آفيسرن ۽ عدليه کي پنهنجون قانوني ذميواريون پوريون ڪرڻ کان روڪڻ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو