عمران خان حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت منظور

عمران خان حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت منظور

گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان تي حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عمران خان حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدار احسن نذير جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وقاص جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عمران خان حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدار احسن نذير (ن) ليگ جي ضلعي اطلاعات سيڪريٽري مدثر نذير جو ڀاءُ آهي.پوليس جوابدار احسن نذير کي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ ڪرڻ بعد گرفتار ڪري ورتو جنهن ۾ جوابدار لکيو ته اڄ ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو