عمران خان جي قافلي کي سهولت ڏينداسين: آءِ جي

عمران خان جي قافلي کي سهولت ڏينداسين: آءِ جي

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي آءِ جي اڪبر ناصر چيو آهي ته اسان جو مقصد عمران خان جي قافلي کي روڪڻ نه پر سهولت ڏيڻ آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر چيو ته اسان سڪيورٽي جا سٺا انتظام چاهيون ٿا، عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻ نه گهرجي.هن چيو ته عمران خان جي پيشي تي غير معمولي قدمن جو مقصد شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي، روڊن کي صرف محدود هنڌن تي بند ڪيو ويو آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي پيشي کانپوءِ رستا کوليا ويندا.آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر چيو ته سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، گذريل ٻڌڻي تي عمران خان کي هاءِ ڪورٽ ۾ تمام سٺي سڪيورٽي ڏني وئي هئي، هن ڀيري به بهترين سيڪيورٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.اڪبر ناصر جو چوڻ آهي ته پوليس کي چيو ويو آهي ته ميڊيا جي سڪيورٽي جو خاص خيال رکيو وڃي.هن اهو به چيو ته اڄ کان ٻه مهينا اڳ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو هو، اهڙي صورتحال ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو