لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽرن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي سفر جي اجازت ڏئي ڇڏي.ڊاڪٽر خالد نيازي موجب عمران خان جي ڄنگهه تي لڳل پلاسٽر لاٿو ويو آهي ۽ سندس گوڏي جي مٿان زخم تقريبن ٺيڪ آهن، جڏهن ته گوڏي جي هيٺان زخم ٺيڪ ٿيڻ ۾ هفتو لڳندو.هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڄنگهه ڌوئي سگهي ٿو ۽ هلڪو وزن وجهي سگهي ٿو، جڏهن ته هو هاڻ سفر به ڪري سگهي ٿو.










