لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ لاهور پهچي وئي، ايس پي انويسٽيگيشن جي سربراهي ۾ 3 اهلڪارن تي ٻڌل پوليس ٽيم لاهور پهتي،پوليس ذريعن موجب ڪوئيٽا پوليس پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ کڻي ڪري لاهور روانو ٿي. ايس پي انويسٽيگيشن ڪوئيٽا جي سربراهي ۾ لاهور وڃڻ واري ٽيم ۾ 3 آفيسر شامل آهن. ڪوئيٽا کان رواني ٿيڻ واري پوليس ٽيم لاهور پهچي وئي.










