ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر سردار يار محمد رند چيو آهي ته عمران خان جو اسيمبلي ڇڏڻ جو اعلان مناسب آهي پر اسان اڃا تائين اسيمبلي ڇڏڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.هن چيو ته بلوچستان اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن ۾ اسان جو هم خيال گروپ آهي، اسان دوستن سان صلاح مشوري بعد حتمي فيصلو ڪنداسين.واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سمورين اسيمبلين تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.عمران خان جي استعيفيٰ کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت اعلان ڪيو ته عمران خان جڏهن حڪم ڏيندو ته فوري طور تي اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيندو.










