راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عامر ڪياني ۽ عمران اسماعيل خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف جي ٻن اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب غير منظور ٿيل هائوسنگ سوسائٽي جو اشتهار ڏئي شهرين کي ڌوڪو ڏنو ويو آهي.ڪيس ۾ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ سميت 10 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ عامر ڪياني جو پٽ فهد ڪياني به شامل آهي.










