راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عليما خان جي ضمانتي مچلڪا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اڄ عليما خان ۽ 11 ٻين خلاف 26 نومبر جي احتجاج تي داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عليما خان ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا.










