اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي هڪ عدالت خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ مبشر حسن خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف شراب ۽ هٿيارن جي بازيابي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي طلبي جي باوجود، علي امين گنڊاپور اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت سندس مسلسل غير حاضري تي غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.جوڊيشل مئجسٽريٽ پوليس کي علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪرڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف شراب ۽ هٿيارن جي بازيابي جو ڪيس اسلام آباد جي بارا ڪهو پوليس اسٽيشن ۾ درج آهي.










