لياري ۾ زيرِ تعمير عمارت تي ڪريڪر حملو، 3 ڄڻا زخمي

لياري ۾ زيرِ تعمير عمارت تي ڪريڪر حملو، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري ڦول پتي لين ۾ زيرِ تعمير عمارت ۾ قائم سياسي جماعت جي آفيس تي ڪريڪر حملي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار هڪ جوابدار ڪريڪر اڇلائي فرار ٿي ويو، جڏهن ته بم ڊسپوزل يونٽ موجب حملي ۾ روسي بناوت جو دستي بم استعمال ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا جن کي طبي امداد لاءِ فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر سول اسپتال ۾ ڪريڪر حملي ۾ زخمي ٿيل ڪارڪنن جي مزاج پرسي ڪئي ۽ چيو ته جماعت اسلامي لياري جي آفيس تي دستي بم حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. منعم ظفر جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، واقعي ۾ ملوث عناصرن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو