نوشھروفيروز (ن س )شھيد عرفان لغاري جي قبرڪشائي جو آرڊر ٿي ويو آهي ـ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھروفيروز جناب نديم بدر قاضي صاحب قبرڪشائي جو آرڊر ڪندي ايس ايس پي نوشھروفيروز کي بابند ڪندي ڊائريڪشن ڏني آهي ته قبرڪشائي ۽ وارثن کي لاش ڏيڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي ـ وارث اختياري آهن ته ھو ڀلي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائين ـ ڪورٽ پنهنجي آرڊر ۾ ايڊوڪيٽ نورمحمد تنيو کي قبرڪشائي واري سموري عمل ۾ شامل رکيو آهي ـ قبرڪشائي سول جج مورو جي نگراني ۾ اڄ شام ڪئي وڃي










