عدم اعتماد جي رٿ کانپوءِ جا قانوني مرحلا ڇا هوندا؟

عدم اعتماد جي رٿ کانپوءِ جا قانوني مرحلا ڇا هوندا؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي قومي اسمبلي ۾ ڪل 342 ميمبر آهن، جن مان هڪ ميمبر پي ٽي آءِ جو ڪي پي ڪي جو ڪجهه وقت اڳ فوت ٿيو هو جنهن سبب ووٽنگ ۾ 341 ميمبر حصو وٺندا. پي ٽي آءِ ۽ سندن اتحادين جو انگ 179 مان گهٽجي 178 ٿي ويو آهي. جنهن ۾ خود پي ٽي آءِ جا فوتي ميمبر بعد 154، ايم ڪيو ايم7، بي اي پي 5، مسلم (ق) 5، جي ڊي اي 3، عوامي مسلم ليگ(شيخ رشيد). هڪ جموهري وطن پارٽي جو ميمبر شامل آهي. جڏهن ته اپوزيشن جي 162 ميمبرن مان مسلم ليگ (ن) 84، پاڪستان پيپلز پارٽي 56، ايم ايم اي 15 بشمول هڪ ميمبر جماعت اسلامي، بي اين پي مينگل 4، اي اين پي هڪ ۽ 2 آزاد محسن داوڙ ۽ علي وزير شامل آهن. علي وزير جيل ۾ آهي، خبر ناهي ته کيس ووٽ جو حق ملندو يا نه. قانون موجب وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ لاءِ قومي اسيمبلي جي مجموعي انگ مان گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو يعني 68 ميمبرن پاران اجلاس سڏائڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اڪثريتي ميمبر يعني 172 ميمبر عدم اعتماد جي حق ۾ ووٽ ڏين ٿا ته وزيراعظم عهدي تي نه رهندو. ريڪيوزيشن جمع ڪرائڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن ۽ وڌ ۾ وڌ 7 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لازمي آهي. کليل ووٽنگ ٿيندي يعني هٿ مٿي کڻڻ واري طريقي سان ٿيندي. عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر ، صدر کي خط لکي اگاهه ڪندو ۽ قومي اسمبلي جو سيڪريٽري گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. جيڪڏهن عمران خان خلاف رٿ ڪامياب ٿي وئي ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر استعفيٰ ڏيندا، ڪابينا ٽٽي ويندي. جنهن بعد اڳ ۾ نئين اسپيڪر ۽ بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، جنهن بعد نئون قائد ايوان چونڊيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو