عدم اعتماد جي حامي حڪومتي ميمبرن جي لسٽ پيش

عدم اعتماد جي حامي حڪومتي ميمبرن جي لسٽ پيش

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)تحريڪ عدم اعتماد واري معاملي تي پي ٽي آءِ جي مشڪوڪ ميمبرن جي هڪ لسٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب انٽيليجنس بيورو پاران وزيراعظم عمران خان کي مبينا طور تي 28 ميمبرن جي لسٽ پيش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پارٽي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي گروپ به ڌار ڌار وزيراعظم کي لسٽون پيش ڪيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ جن ميمبرن جا نالا شامل آهن اهي اپوزيشن سان بي اعتمادي جو ووٽ ڏئي سگهن ٿا، جڏهن ته مبينا شڪي ميمبرن جي مانيٽرنگ به شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب لسٽ ۾ گهڻو ڪري اهي ميمبر شامل آهن جيڪي ٻيون پارٽيون ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم انهن سمورن ناراض ميمبرن کي راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي کي ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو