نوابشاهه(ن س) ففٿ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ٽو شهيد بينظير آباد نوابشاهه جي جج عبدالحفيظ ميتلو جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عرفان چوهاڻ کي ڦاسي جي سزا ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ سندس ڀاءُ عدنان چوهاڻ کي ثبوت نه ملن تي با عزت بري ڪري ڇڏيو واضح هجي ته 7 جنوري 2017 تي جوابدار عرفان سڪرنڊ شهر ۾ پيزا هٽ جي دوڪان تي نور محمد جٽ کي پسٽل جا فائر ڪر قتل ڪيو هو مقتول جو ڪيس سڪرنڊ ٿاڻي تي محمد يوسف جٽ داخل ڪرايو هو










