عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا

نوابشاهه(ن س) ففٿ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ٽو شهيد بينظير آباد نوابشاهه جي جج عبدالحفيظ ميتلو جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عرفان چوهاڻ کي ڦاسي جي سزا ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ سندس ڀاءُ عدنان چوهاڻ کي ثبوت نه ملن تي با عزت بري ڪري ڇڏيو واضح هجي ته 7 جنوري 2017 تي جوابدار عرفان سڪرنڊ شهر ۾ پيزا هٽ جي دوڪان تي نور محمد جٽ کي پسٽل جا فائر ڪر قتل ڪيو هو مقتول جو ڪيس سڪرنڊ ٿاڻي تي محمد يوسف جٽ داخل ڪرايو هو

پهنجو تبصرو موڪليو