ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عدالت فرحان غني خلاف ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو،عدالت سرڪاري ملازمن تي تشدد بابت ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ واري رپورٽ منظور ڪري ورتو،جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر ڪيس ريمارڪس ڏيندي چيو ته فريادي جي وڪيل ڪيس ختم ڪرڻ تي اعتراض ناهي واريو،چنيسر ٽائون جو چيئرمين فرحان غني ضمانت تي آزاد آهي،










