عدالت عمران خان جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان وٺي: فرخ حبيب

عدالت عمران خان جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان وٺي: فرخ حبيب

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته عدالت کي عمران خان جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان وٺڻ گهرجي.زمان پارڪ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته عمران خان جون رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين سفر ڪندو ته هڏن جي ٽٽڻ جو خدشو آهي.هن چيو ته ڊاڪٽرن عمران خان کي سفر ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي، عدالت کي وڊيو لنڪ ذريعي بيان وٺڻ گهرجي.پي ٽي آءِ اڳواڻ سوال ڪيو ته عمران خان کي سيڪيورٽي ڪير ڏيندو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين اڳ ئي سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي.هن چيو ته عمران خان قوم کي ٻڌايو ته آصف علي زرداري افغانستان ۾ هڪ تنظيم کي پئسا ڏنا.فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته عمران خان جي نااهلي ۽ گرفتاري جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو معاملو آهي ته خبر آهي ته سامهون اچڻو آهي.هن چيو ته پارليامينٽ ۾ ق ليگ جي اڪثريت پرويز الاهي سان آهي، پرويز الاهي جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ته دروازا کليل آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته اليڪشن ڪميشن هن وقت سليڪشن ڪميشن آهي، پي ٽي آءِ ۽ اسان جي اتحادين کي ڪنهن رليف جي اميد ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو