عبداللطيف ڀٽائيءَ جي موقعي تي موڪل جو اعلان

عبداللطيف ڀٽائيءَ جي موقعي تي موڪل جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت پاران 20 آگسٽ صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت طرفان شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، 20 آگسٽ اڱاري جي ڏينهن صوبي ۾ عام موڪل هوندي. واضح رهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي سالياني عرس مبارڪ جو تقريبون 14 صفر شروع ٿينديون آهن جيڪي ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو