ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو فوري طور تي نئون اين ايف سي ايوارڊ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وفاق بلوچستان سان واعدا نه ڪرڻ جي روايت برقرار رکي آهي.هن چيو ته 30 جون تائين نه پي پي ايل جا بقايا ۽ نه ئي اين ايف سي جو پورو حصو مليو آهي.بلوچستان جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هو وفاقي حڪومت کان خيرات نٿا گهرن، پنهنجا حق نٿا گهرن، کين ڀت نه لڳايو وڃي ۽ نه ئي سخت ردعمل تي مجبور ڪيو وڃي.










