عام چونڊن جي سڪيورٽي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

عام چونڊن جي سڪيورٽي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سڪيورٽي انتظامن لاءِ مواصلات واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. گهرو وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري سيڪيورٽي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم پاران عام چونڊن جي سڪيورٽي انتظامن لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اڪبر دراني سميت چئني صوبن جا چيف سيڪريٽري شريڪ ٿيندا. ڪميٽي جي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي او آرز) موجب هي اعليٰ سطحي ڪميٽي عام چونڊن جي سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني، چونڊن جي حوالي سان سڪيورٽي جي انتظامن بابت فيصلن ۽ معاملن جو جائزو وٺڻ ۽ هدايتون ڏيڻ جي ذميوار آهي. اضافي سيڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪندي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وينديون

پهنجو تبصرو موڪليو