عام واهپي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بنائينداسين، ترجمان

عام واهپي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بنائينداسين، ترجمان

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي  اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مهانگائي تي قابو ڪرڻ لاءِ عام واهپي وارين شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بنائينداسين.پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعاون چيو آهي ته رمضان بازارن ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ عام واهپي وارين شين جي فراهمي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ ناجائز منافعي خورن جي خلاف  ڪارروايون به جاري آهن. انشاءَالله انتظاميه ۽ عوام جي  تعاون سان مهانگائي تي قابو ڪندي کائڻ پيئڻ جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بنائينداسين.فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت عوام کي عام واهپي وارين شين جي سستي اگهن فراهمي بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. فردوس عاشق چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزردار روزاني جي بنياد تي اٽو، کنڊ ۽ عام واهپي وارين شين جو جائزو وٺي رهيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير انتظاميه کي پرائس ڪنٽرول ميناڪزم وڌيڪ بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو