ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي مارڪيٽ ۾ سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ سون مهانگو ٿي ويو. سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب اڄ سون جي في تولي قيمت ۾ 300 رپيا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 38 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت 10 گرام سون 258 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 18 هزار 656 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر گهٽيو آهي ۽ في اونس سون 17 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1816 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.










