اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته پاڪستان ۾ به انهن کي گهٽايو ويندو. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته موٽرسائيڪل سبسڊي اڄ کان اي-والٽ ذريعي ملڻ شروع ٿي ويندي، آءِ ايم ايف جي ڪري پيٽروليم ليوي کي ڊيزل تي صفر کان وڌائي پيٽرول ڪيو ويو آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته ايندڙ هفتي کان مارڪيٽن جي وقت کي به منظم ڪيو ويندو. وڏي وزير سهيل آفريدي اجلاس ۾ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ مارڪيٽون بند ڪرڻ جو به يقين ڏياريو.










