پشاور (عزيزالله خان) مانسهره ۾ هڪ مدرسي جي 10 سالن جي طالب کي بد فعلي بعد مارڪٽ ڪئي وئي، ٻار بيهوش ٿي ويو، معاملو پوليس تائين پهتو ۽ مدرسو سيل ٿي ويو آهي. پوليس وٽ علي گوهر نالي شخص رپورٽ درج ڪرائي ته کيس مدرسي مان فون آيو ته سندس ڀائٽيو بيمار آهي، منهنجي درخواست تي هڪ استاد کيس ايوب ميڊيڪل ڪامپليڪس پهچايو جتي طبي چڪاس ۾ سامهون آيو ته نينگر سان بدفعلي ڪئي وئي ۽ کيس مارڪٽ ڪئي وئي آهي. مانسهرا جي ضلعي پوليس آفيسر صادق بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته نينگر کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. اصل مجرم ڀڳل آهي باقي سندس ساٿي گرفتار آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مدرسي جي مهتمم جي ڀاءُ ڇوڪري سان بدفعلي ڪئي هئي، مدرسو سيل ڪيو ويو آهي. چائلڊ رائيٽس موومينٽ جي ممتاز گوهر جو چوڻ آهي ته مدرسن ۾ طلابن سان بد فعلي جا واقعا عام جام آهن پر رپورٽ نه ٿيندا آهن. هن چيو ته گذريل سال ٻارن سان جنسي تشدد جا 3800 واقعا رپورٽ ٿيا ۽ ميڊيا به اهڙن واقعن جي رپورٽنگ کان لنوائيندي آهي.










